ڌناسري 2

ڌناسري 2 (سُر): سر ڌناسري شاهه جي اوائلي دور جي رسالن توڙي وچولي دور جي رسالن ۾ موجود آهي. اوائلي دور جي رسالن ۾ سر ڌناسري ۾ وڌ ۾ وڌ 37 بيت آهن ۽ اهي داستانن/ فصلن جي واڌ کانسواءِ گڏي لکيل آهن. انهن کي صرف هڪ وراڻي ڏنل آهي، پر اوائلي دور جي آخري رسالي گنج ۾ بيتن جو تعداد وڌيڪ هو. البت وچولي دور جي ٽن آڳاٽن قلمي رسالن ۾ جيڪي گنج کانپوءِ لکيا ويا، 37 بيتن کي قائم رکيو ويو آهي، پر انهن کي ٻن داستانن/ فصلن ۾ ورهايو ويو آهي. هڪ ۾ ٽيهه بيت ۽ هڪ وائي ۽ ٻئي ۾ باقي ست بيت ۽ هڪ وائي رکي وئي آهي. پهريون بمبئي ڇاپو، جيڪو مٿين قلمي رسالن کانپوءِ 1293هه ۾ ڇپيو، ان ۾ سُر ڌناسريءَ جي ٻنهي داستانن/ فصلن ۾ وڌيڪ بيت شامل ڪيا ويا. ايتري قدر جو پهرئين ۾ بيتن جو تعداد وڌي 47 ٿيو ۽ ٻئي ۾ ستن مان بيت وڌي يارهن ٿيا. گنج ۽ ٻين قلمي رسالن ۾ به بيتن توڙي واين جو تعداد وڌندو رهيو. انهن سڀني کي جڏهن موجوده تحقيق دوران مطالعي هيٺ آندو ويو ته سُر ڌناسريءَ ۾ جملي 117 بيت ۽ 15 وايون ٿين ٿيون. ڌناسريءَ جي نعت، صفت ۽ ساراهه واري مکيه موضوع کي مدنظر رکي، نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ساراهه ۽ ثنا وارا بيت، جيڪي مختلف رسالن ۾ سر ڏهر هيٺ هئا، سي سُر ڌناسريءَ ۾ پهرين رکيا ويا. ان موضوع جا ٻيا ڪي بيت جيڪي ڪن رسالن مان دستياب ٿيا، سي پڻ هن فصل جي آخر ۾ شامل ڪيا ويا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو